اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي ترڪيه روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي آفيس (ايف او) جي بيان موجب وزيراعظم استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪستان نيوي جي چئن ملجيم ڪورويٽ جهازن مان ٽئين جهاز خيبر جو گڏيل طور تي افتتاح ڪندو. روانگي کان اڳ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٽئين ملجيم ڪورويٽ جهاز جو افتتاح ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندڙ دفاعي تعاون جي نمائندگي ڪري ٿو. ملجيم پروجيڪٽ – ترڪي ۽ پاڪستان جي گڏيل تعاون جي بنياد تي – 2018 ۾ ترڪي جي سرڪاري دفاعي ڪانٽريڪٽر فرم ASFAT inc سان شروع ڪيو ويو هو. جنهن مطابق پاڪستان نيوي ترڪي کان ملجيم ڪلاس جا چار جنگي جهاز حاصل ڪندي. ملجيم جهاز 99 ميٽر ڊگھا آهن، انهن ۾ 2,400 ٽن جي وزن جي گنجائش آهي ۽ ان جي رفتار 29 ناٽيڪل ميل آهي. اهي اينٽي آبدوز جنگي جهاز، جن کي ريڊار کان لڪائي سگهجي ٿو، پاڪستان نيوي جي دفاعي صلاحيت ۾ وڌيڪ اضافو ڪندا. ايف او موجب پاڪستان نيوي جي پهرين جهاز پي اين ايس بابر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ڪئي وئي جڏهن ته ٻئي جهاز پي اين ايس بدر جي گرائونڊ بريڪنگ مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ ڪئي وئي هئي. ٽيون جنگي ٻيڙو هاڻي ملي پيو ۽ هڪ اڃا ملڻو آهي. وزيراعظم ترڪيه ۾ بزنس ڪميونٽي سان به ملندو.










