ٻن ڌرين وچ جهيڙو، هڪ ڄڻو رتورت، اسپتال منتقل

ٻن ڌرين وچ جهيڙو، هڪ ڄڻو رتورت، اسپتال منتقل

خانپورمهر(ن سنڌيار) خانپورمهر ويجهو ٻن ڌرين وچ جهيڙو. هڪ ڄڻو رتورت. اسپتال منتقل. خبرموجب، خانپورمهر ويجهو ڳوٺ نبي بخش عالماڻي ۾ عالماڻي ڌر جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي مسئلي تي جهيڙو ٿي پيو.جهيڙي دوران لٺين ۽سروٽن جو آزادانه استمعال ڪيو ويو، لٺيون لڳڻ سبب غلام حسين عالماڻي سخت زخمي ٿي پيو، زخمي کي خانپورمهر ٿاڻي آڻڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو.زخمي ڌر جي ماڻهن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته جوابدارن محب علي. صاحب عالماڻي. غفور عالماڻي ارباب حملو ڪري اسان جي نوجوان کي زخمي ڪيو آهي،هوڏانهن واقعي جي اين سي رپورٽ خانپورمهر ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي.جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي، پوليس موجب ، معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو