ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز لاءِ سريلنڪا جي ٽيم پاڪستان پهچي وئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سريلنڪا جي ڪرڪٽ ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي آهي. ٽيم کي رياستي مهمانن جو درجو ڏيندي اميگريشن لاءِ خصوصي ڪائونٽر قائم ڪيو ويو ۽ کين هوٽل تائين پهچائڻ لاءِ گاڏين کي رن وي تائين اچڻ جي اجازت ڏني وئي.

10 سالن بعد ڪا انٽرنيشنل ڪرڪٽ ٽيم پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ٽيسٽ سيريز کيڏڻ آئي آهي. دهشتگردي سبب عالمي ٽيمون پاڪستان اچڻ کان ڪيبائينديون هيون ۽ پاڪستان ٿرڊ ڪنٽري ۾ انٽرنيشنل ڪرڪٽ ميچز کيڏندو هو. ٻنهي ٽيمن ۾ سڀاڻي پريڪٽس ميچ ٿيندي ۽ شام جو فوٽو سيشن ٿيندو. اربع کان راولپنڊي ۾ پهرين ٽيسٽ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻئي ميچ ڪراچي ۾ کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو