ٻن زخمي ڦورن کي گوليون هڻي قتل ڪندڙ اهلڪار گرفتار

ٻن زخمي ڦورن کي گوليون هڻي قتل ڪندڙ اهلڪار گرفتار

ڪراچي(شهزادو مستوئي) ڪراچي جي ناظم آباد واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڦورن ۾ ٿيل مقابلي ۾ مارجي ويل ڦورن کي زخمي حالت ۾ گولي هڻندڙ پوليس اهلڪار شاهه مير کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ڪراچي سينٽرل رائو عارف ٻڌايو هو ته خميس تي صبح جو مشڪوڪ حالت ۾ ٻن ملزمن جو پوليس پيڇو ڪيو ته مقابلو ٿي پيو جنهن م پوليس اهلڪار ذيشان فوت ٿي ويو. جڏهن ته 2 ڦورو جن ۾ حبيب ۽ عبدالباسط شامل هئا. هي ٻئي بلوچستان جي خضدار ضلعي سان تعلق رکن ٿا.ٻنهي جي مقابلي ۾ مارجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي. ڪجهه دير بعد هڪ ويڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ انهن ٻنهي ڦورن کي زخمي حالت ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ هڪ پوليس اهلڪار شاهه مير سندن مٿي ۾ گوليون هڻي قتل جي پڪ ڪري ايمبولينس ۾ سوار ٿي روانو ٿئي ٿو. شاهه مير مري ويل اهلڪار  ذيشان جو سالو آهي ۽ هن سان گڏ ڊيوٽي ڪري رهيو هو. ذيشان جي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي جنهن ۾ آءِ جي ڪليم امام ۽ ڊي جي رينجر به شريڪ ٿيا. ذيشان جي بيواه روئندي اپيل ڪئي ته سندس مڙس مارجي ويو آهي ۽ ڀاءُ کي آزاد ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو