ٻاهر نڪري توکي ۽ نيب چيئرمين کي نه ڇڏيندس: جاچ آفيسر کي ڌمڪي

ٻاهر نڪري توکي ۽ نيب چيئرمين کي نه ڇڏيندس: جاچ آفيسر کي ڌمڪي

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) توشه خانه ريفرنس ۾ ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي دوران عمران خان نيب جي جاچ آفيسر محسن هارون کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ نئين توشه خانه ريفرنس جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان پنهنجي سيٽ تان اٿي جاچ آفيسر وٽ پهتو.هن نيب جي جاچ آفيسر محسن هارون کي چيو ته توهان جيڪي ڪيس ٺاهيا آهن، انهن جي ڪري منهنجي گهرواري جيل ۾ آهي، مان نڪري توهان کي ۽ نيب چيئرمين کي نه ڇڏيندس، آزاد ٿيندي ئي توهان ٻنهي کي عدالت ۾ وٺي ويندس.پي ٽي آءِ باني جي نيب جاچ آفيسر سان گفتگو دوران ڪيترائي ماڻهو اتي موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو