گهارو(رپورٽ شام جوکيو)ديھ پليجاڻي جي متاثر آبادگارن جو ٽئين ڏينهن به روينيو ڊپارٽمينٽ جي خلاف بک هڙتال ڪيمپ قائم جاري رهي. متاثرين جو چوڻ آهي ته اسان جي زمينن تي روينيو ڊپارٽمينٽ جي ملي ڀڳت سان ٻاهرين ماڻهن کي زمين جا ڪوڙا کاتا ٺاهي ڏنا ويا آهن جيڪي ڪينسل ڪيا وڃن، آر ڊي 24 واٽر ڪورس تي قبضو ڪري ان مٿان اڏاوت جاري آهي جيڪا فوري طور تي روڪي وڃي. متاثرين جو چوڻ آهي ته ٺٽي ضلعي سميت ساڪرو جي رڪارڊ سان هيراڦيري ڪري هزارين ماڻهن سان فراڊ ڪري مقامي ماڻهن سان نا انصافيون ڪيون پيون وڃن، متاثرين جو چوڻ آهي ته اسان جي زمين جو ڪيس ها۽ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي ان جي باوجود به بااثر شخص کي روينيو ڊپارٽمينٽ جي ملي ڀڳت سان سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي، ڪجھ ڏينھن اڳ اي ڊي سي ون سرزمين تي آيو هو پر ڪيترن ئي ڏينهن گذرڻ باوجود به رپورٽ نٿو ڏئي. علامتي بک هڙتالي ڪيمپ تي ويٺل اڳواڻن سيد گلزار شاھ جيلاني، سيد عادل شاھ شيرازي، ايس ٽي پي اڳواڻ محمد عمر ناهيو، پي ٽي آئي اڳواڻ غلام مصطفي چانڊيو، واپاري اڳواڻ مختيار علي لاشاري پڻ شرڪت ڪئي ۽ جدوجهد ۾ ساٿ جو يقين ڏياريو.










