ٻار ڪيرائڻ تي پوليس پاران قتل جو ڪيس داخل

ٻار ڪيرائڻ تي پوليس پاران قتل جو ڪيس داخل

ڊيسڪ) آمريڪي رياست جارجيا جي 31 ساله عورت کي قتل جي الزام ۾ چارج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن ٻار ڪيرائڻ واري گوري کائي هڪ قبل از وقت ٻار کي جنم ڏنو، جيڪو هڪ ڪلاڪ اندر فوت ٿي ويو، عدالت جي دستاويزن ۽ گرفتارين جي رڪارڊ موجب رائٽرز رپورٽ ڪيو آهي.
اليڪشيا مور کي مقامي پوليس هن مهيني جي شروعات ۾ جارجيا جي سامونڊي ڪناري واري ڪيمڊن ڪائونٽي ۾ گرفتار ڪيو، چارج ڪيو ۽ جيل موڪلي ڇڏيو، جيڪو واقعو 30 ڊسمبر تي پيش آيو هو.
جارجيا ۾ تقريباً سڀ اسقاط حمل، حمل جي ڇهين هفتي کان پوءِ غير قانوني آهي. آمريڪي سپريم ڪورٽ پاران 2022 ۾ Roe v. Wade فيصلي کي رد ڪرڻ کان پوءِ، جيڪو اسقاط حمل جو آئيني حق ختم ڪيو، ڪيترن ئي رياستن ۾ اسقاط حمل تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
جيتوڻيڪ ٻين رياستن ۾ عورتن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي جن اسقاط حمل ڪيا، پر قتل جو الزام ناهي لڳايو ويندو.
مور، جنهن کي اڳ ۾ به ٻه ننڍڙا ٻار آهن، گھر تي مسوپروسٽول دوا ورتي، ۽ پوءِ 30 ڊسمبر تي شديد تڪليف محسوس ڪرڻ بعد ڏکڻ اوڀر جارجيا هيلٿ سسٽم، ڪيمڊن ڪيمپس ڏانهن پهتي. پوليس رپورٽ موجب هن اسٽاف کي پنهنجي حمل بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ايمرجنسي روم پهچڻ کان اڳ هن 200 ملي گرام مسوپروسٽول ورتي هئي.
هيلٿ سينٽر ۾، 31 ساله عورت هڪ قبل از وقت ڇوڪريءَ کي جنم ڏنو، جنهن بابت پوليس چيو ته ٻار ۾ “گهڻا صحت جا مسئلا” هئا. نئون ڄاول ٻار تقريبا هڪ ڪلاڪ زنده رهيو.
مور جي وڪيل سان تڪڙو رابطو نه ٿي سگهيو.
ڊانا سسمين، سينئر وائس پريزيڊنٽ، چيو ته جارجيا جو معاملو قانوني بنياد تي ڪو مضبوط دليل ناهي ۽ ان جو دفاع مضبوط طور ڪرڻ گهرجي.
سسمين چيو: “جارجيا جو اسقاط حمل جو قانون ڪنهن اهڙي شخص خلاف قتل جا الزام نه ٿو لڳائي جيڪو اسقاط حمل ڪري، ۽ خود پنهنجي اسقاط حمل کي منظم ڪرڻ جارجيا ۾ ڏوهي عمل ناهي. مسز مور خلاف قتل جو الزام ظالم ۽ ناجائز آهي.”

پهنجو تبصرو موڪليو