ڊرگھ بالا(جي ايم لنڊ بلوچ) معمولي ڳالھ تان کوکر برادري ۾ جھيڙو ڏنڊا لڳڻ ڪري ڪاڇي جو شاعر علڻ کوکر ۽ سندس پٽ زخمي ٿي پيا. ٻنهي کي علاج لاء جوھي اسپتال منتقل ڪيو ويو. شاعر علڻ صحافين کي ٻڌايو ته پنھون سندس ڀاء زاھد ۽ ڪجھ پنھنجا واٺا وٺي اسان کي ننڍن ٻارڙن جي وڙھڻ جي ڳالھ تان حملو ڪري زخمي ڪيو اسان اھڙي قسم جو اطلاع ڊرگھ بالا ٿاڻي تي ڏئي ليٽر ورتو آھي ۽ جوھي اسپتال ۾ زخمن جو علاج ڪرائڻ کان پوء ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ وٺي جھيڙي جي ايف آء آر داخل ڪرائينداسين.










