نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) ڪمشنرشھيدبينظيرآباد ڊويزن سيد محسن علي شاهه چيو آھي ته اسڪولن ۾ نصاب سان گڏ راندين ۽ ٻين مثبت سرگرمين تي پڻ خاص ڌيان ڏنو وڃي ته جئين ٻارن ۾ اعتماد پيدا ٿي سگھي ۽ ھو زندگي جي مختلف شعبن ۾ پنھنجون صلاحيتون بھتر نموني استعمال ڪري سگھن. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪمشنر آفيس جي ڪميٽي روم ۾ ھاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ونٽر اسپورٽس جي حوالي سان ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ابرار احمد جعفر، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ڪيپٽن (ر)بلال شاھد رائو، ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ مرزا ناصر علي، ٽنھي ضلعن جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز،اسپورٽس کاتي جي آفيسرن سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ٻارن جي ذھني نشونما لاءِ رانديون ضروري آھن نصابي سرگرمين سان گڏ غيرنصابي سرگرمين، بينڊ، پي ٽي، تقريري مقابلا، اسٽيج شوڪرايا وڃن ۽ ٻارن کي اڳتي اچڻ جو موقعو فراھم ڪيو وڃي. ھن ٽنھي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي ھدايت ڪندي چيو ته پنھنجي ضلعن ۾ ونٽر اسپورٽس جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪيا وڃن ۽ اسپورٽس شيڊيول جي ڪاپي ڪمشنر آفيس کي پڻ موڪلي وڃي جڏھن ته اسڪول، تعلقي ۽ ضلعي سطح تي راندين جا مقابلا منعقد ڪرائي انھن ۾ آفيسرن جي شرڪت کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. ڪمشنر تعليم کاتي جي آفيسرن کي ھدايت ڪئي ته ھاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ لائبرريون قائم ڪيون وڃن ته جئين ٻارن ۾ ڪتاب پڙھڻ جو شوق پيدا ٿي سگھي ۽ سندن ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي.اجلاس ۾ فيصلو ڪيوويو ته ونٽر اسپورٽس ۾ ضلع سطح تي نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٽيمن جا مقابلا ڊويزن سطح تي پڻ منعقد ڪرايا ويندا کٽيندڙ ٽيمن کي انعام ڏنا ويندا.










