عابد ۽ اظهر جون سينچريون، پاڪستان جا 268 تي 4 آئوٽ

هراري (ويب ڊيسڪ) ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ٻنهي ٽيمن ۾ هڪ  هڪ پليئر کي ٽيسٽ ڪيپ ڏني آهي. پاڪستان پاران 36 سالن جي تابش خان ٽيسٽ ڪيپ ڏئي فهيم اسرف جي جاءِ تي کيڏايو ويو آهي. ڊوميسٽڪ ۾ تابش 600 وڪيٽون ورتيون پر هن کي  قومي ٽيم ۾ نه کيڏايو ويو. جڏهن ته ميزبان ٽيم ليوڪ جونگوي کي ٽيسٽ ڪيپ ڏني. هن ون ڊي ۾ بهترين بالنگ ڪئي هئي. پهرين ٽيسٽ پاڪستان هڪ اننگ ۽ 116 رنز تان کٽي هئي. ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز اڳ ۾ ئي پاڪستان کٽي چڪو آهي. عمران بٽ ۽ عابد علي اننگ اوپن ڪئي ته شروعات سلو رهي. 20 بال کيڏي 2 رنز ٺاهي مڊ وڪيٽ تي غير ضروري شاٽ بال کي هٽ ڪندي عمران بٽ رچرڊ جي بال تي ڪيچ ٿيو. ان وقت مجموعي اسڪور 12 هو. جنهن بعد اظهر علي ۽ عابد علي سينچريون مڪمل ڪندي ٻئي وڪيٽ جي پارٽنر شپ ۾ 236 رنز ٺاهيون.

Azhar Ali’s 18th test century, Photo PCB Twitter

اظهر علي بليسنگ موزاراباني جي بال تي ملٽن هٿان 126 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. هن هڪ ڇڪي ۽ 17 چوڪن جي مدد سان 246 بالن تي اهو اسڪور ڪيو. جنهن بعد ڪپتان بابر اعظم آيو جيڪو8 بالن تي 2 رنز ٺاهي بليسنگ جي بال تي ڪِيون ڪَاسوزا هٿان ڪيچ ٿيو. فواد عالم به ٻوٽو نه ٻاريو ۽ 12 بالن تي 5 رنز ٺاهي بليسنگ جو ٽيون شڪار بڻيو. عابد علي 17 چوڪن جي مدد سان 118 رنز ۽ ساجد خان 16 بالن تي هڪ رن ٺاهي ڪيريز تي موجود آهن. پاڪستان 4 وڪيٽن تي 268 رنز ٺاهي چڪو آهي.

Abid Ali Not out 118 in Harare, Photo PCB Twitter

پهنجو تبصرو موڪليو