ٻئي شادي جي خواهش، زال نازڪ عضوو ڪٽي ڇڏيس

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)ٻي شادي جي ڌمڪي ڏيڻ تان زال پنهنجي مڙس جو نازڪ عضوو ڪٽي ڇڏيو . ڦل واسي نوجوان ڪامران قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته منهنجي شادي پنهنجي ذات جي ئي نذيران قريشي سان ڏهه سال اڳ  ٿي هئي جيڪي به اصل ڦل شھر جا ئي رهواسي آھن هاڻ ڪراچي ۾ رهن ٿا ۽ مان به انهن سان گڏ اتي رهندو هيس اسان کي اولاد نه ٿيڻ تي مون پنهنجي گهر واري  نذيران قريشي کي چيو ته مان اولاد جي لاء ٻي شادي ڪندس جنهن تي هوء ڪاوڙجي پئي ۽ جڏهن مان رات جو گهر آيس ته هن مون کي حسب معمول کير ڏنو جيڪو مان پيتو  کير  پيئڻ سان ئي مون کي ننڍ اچي وئي ته رات جو دير سان اوچتو ننڍ مان اٿيس ته ڏٺم ته منهنجي نازڪ عضووي مان رت وهي رهيو هو هنن مون کي کير ۾ نشو ڏئي نازڪ عضوو ڪٽي ڇڏيو هو بعد ۾ مان اتي پنهنجي دوستن کي فون ڪيو جيڪي مون کي اسپتال کڻائي ويا ۽ هاڻي مان پنهنجي شھر ڦل ۾ والدين جي گهر  آھيان هن وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجي زال نذيران ۽ منهنجي سالي خالد قريشي گڏجي منهنجو نازڪ عضوو ڪٽيو آھي هن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته مون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ منهنجي گهرواري ۽ سالي خالد قريشي گرفتار ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو