ٺٽي ۾ هزار ايڪڙ تي پام آئل ٽري لڳائڻ جو فيصلو

ٺٽي ۾ هزار ايڪڙ تي پام آئل ٽري لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران ٺٽي ۾ هڪ ٻيو ھڪ هزار ايڪڙ تي مشتمل نئون پام آئل منصوبو لڳائڻ جوفيصلو ڪيو ويو آھي. ماحوليات ۽ ڪوسٽل ڊولپمينٽ واري صوبائي وزير اسماعيل راهو جي صدارت ۾ ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي سنڌ جي گورننگ باڊي جو17 هون اجلاس سنڌ اسمبلي بلڊنگ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي، شاهينا بلوچ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري محمد حسن اقبال، ڊي جي ڪوسٽل ڊولپمينٽ، ڊي سي بدين سميت ٻين کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.صوبائي وزير اسماعيل راهو کي کاتي جي ڊي جي ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي جاري نون منصوبن تي بريفنگ پڻ ڏني. صوبائي وزير اسماعيل راھو وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار پاران ٺٽي ۾ هڪ ٻيو ھڪ هزار ايڪڙ تي مشتمل نئون پام آئل منصوبو لڳائڻ جوفيصلو ڪري ورتو آھي، پام آئل منصوبي جي لاڳت 356 ملين هوندي ۽ ان تي 60هزار وڻ لڳندا، پام آئل منصوبو هلندڙ سال لڳايو ويندو. ڊي جي ڪوسٽل ڊولپمينٽ بريفنگ ڏيندي چيو ته جنگلات کاتي پاران 2 هزار ايڪڙزمين ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي سنڌ حوالي ڪئي وئي آهي. اسماعيل راھو چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي، جنهن سان ڪوسٽل بيلٽ تباهه ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سبب سڀ کان وڌيڪ ڊيلٽا تباهه ٿي رهيو آهي،ڪوسٽل بيلٽ کي بچائڻ لاءِ آفيسرن آئنده لاءِ لائحه عمل جوڙن، ڪوسٽل ڊولپمينٽ جي گريڊ 19 ۽ 20 جي آفيسرن کي مڊڪيريئر مينيجمينٽ سورس جي تحت ٽريننگ ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آھي،ٽريننگ ڪرائڻ سان آفيسرن جي سورس ڊليوري بهتر ٿي سگهندي. اسماعيل راھو چيو ته ابراهيم حيدري کان لٽ بستي تائين 13 ڪلو ميٽر جي 430.612 ملين سان بڻجندڙ روڊ جو ڪم تمام جلد مڪمل ٿي ويندو، ٺٽي، ڪيٽي بندر، سجاول ۽ بدين لاءِ بجٽ ۾ ڪيتريون ئي نيون اسڪيمون رکيون ويون آهن، جيڪي جلد شروع ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو