ٺٽو: قومي شاهراهه تي بس ڪلٽي، 6 ڄڻا فوت، 20 زخمي

ٺٽو: قومي شاهراهه تي بس ڪلٽي، 6 ڄڻا فوت، 20 زخمي

ٺٽو (ن س) ٺٽي ۾ قومي شاهراهه تي محمد علي مدرسي وٽ تيز رفتاري سبب هڪ بس اونڌي ٿي وئي. حادثي ۾ ڇهه ماڻهو فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب، پکنڪ بس ڪراچي کان ڪينجهر ڍنڍ وڃي رهي هئي.هوڏانهن خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي. حادثي ۾ ٽي ماڻهو فوت ۽ 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.مسافر ڪوچ ڪراچي کان مانسهره وڃي رهي هئي. پوليس موجب، حادثو مينهن ۾ تيز رفتاري سبب پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو