ٺيڪيدار اسڪول جي بلڊنگ جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو

بلڙي شاھ ڪريم(مھراڻ ڀٽو) گورنمينٽ ڪئمپس ھاءِ اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار جي نئين ٺھندڙ بلڊنگ رولڙي جو شڪار، ٺيڪيدار اسڪول جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار، سوين شاگرد اسڪول جي پراڻي بلڊنگ ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور. سرڪاري خزاني مان ڪروڙين روپين جي ماليت سان ٺھندڙ گورنمينٽ ڪئمپس ھاءِ اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار جي بلڊنگ ڪرپشن جي ور چڙھڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي پر ھن اھم مسئلي تي ڪنھن به ڌيان ناھي ڏنو تعليم جا رکوالا توڙي انتظاميا ڪنھن به قسم جو اپاءُ نه ورتو آهي جنھن ڪري ڳوٺاڻن سميت اسڪول جا استاد ۽ شاگرد مايوسي ۾ مبتلا آهن ھي اسڪول تاريخي اسڪول آهي ھن عبدالرحيم ڪاتيار اسڪول ۾ موجوده ايم پي اي عبدالڪريم سومرو، سابق سيڪريٽري بلديات علي احمد لنڊ، سينئير استاد عبدالرشيد سومرو سميت ڪيترائي وڏن عھدن تي موجود شخص تعليم پرائي چڪا آهن. ھن اسڪول جي بلڊنگ به تعلقي جي مختلف سرڪاري اسڪولن جيان ڪرپشن جي ور چڙھي ويو آهي جڏھن ته اسڪول جون پراڻيون بلڊنگون زبون حالي جو شڪار آهن ۽ ڪنھن به وقت ڪو وڏو جاني نقصان ٿي سگهي ٿو. هتان جي سياسي سماجي ڌرين سميت استادن، شاگردن ۽ ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت سميت اعليٰ اختيارين کي مطالبو ڪيو ته نئين بلڊنگ جو ڪم مڪمل ڪرائي شاگردن جون زندگيون محفوظ ڪرڻ سان گڏ انهن جو مستقبل بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو