ٺل ۾ مفت اکين جي ڪيمپ، سوين مريضن جو علاج

ٺل ۾ مفت اکين جي ڪيمپ، سوين مريضن جو علاج

ٺل(عبدالنبي شيخ) سول اسپتال ۾ پيشنٽ ويلفيئر سوسائٽي ٺل ۽ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئشن پاران پروينشن ۽ ڪنٽرول آف بلائينڊنيس پروگرام جي تعاون سان چار ڏينهن واري مفت اکين جي علاج ۽ آپريشن جي ڪئمپ هلندڙ آهي. ڪئمپ ۾ ماهر ڊاڪٽرن  ڊاڪٽر حبيب الله قمبراڻي،ڊاڪٽر رحيم بخش مهر ۽ ٻين 966 مريضن جي مفت چڪاس ڪندي کين مفت دوائون ۽ گهٽ نظر جا چشما ڏنا. جڏهن ته اکين جي ماهر سرجن ڊاڪٽر نياز ميمڻ، ڊاڪٽر الهڏتو تنيو، ڊاڪٽر رحيم بخش مهر ۽ ٻين پاران 193 مريضن جي جديد طريقي سان لينس لڳائي آپريشن ڪيو. مفت اکين جي علاج ۽ آپريشن جي ڪئمپ ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پڻ خدمتگار طور ڪم ڪري رهيو آهي،ان سلسلي ۾ پيشنٽ ويلفيئر سوسائٽي جي جنرل سيڪريٽري ۽ ڪئمپ انچارج عبدالڪريم مغل روزاني سنڌ يار کي ٻڌايو ته ٺل جي عوام جي خدمت ڪندي ڪئمپ لڳائي آهي،. ماڻهو ڪافي غريب آهن ۽ علاج نٿا ڪرائي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو