اسلام آباد: (بيورو رپورٽ ) جوڊيشل ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 3 ايڊيشنل ججز کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اهم عدالتي معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 3 ايڊيشنل ججز جي مستقلي جي معاملي تي تفصيلي غور ڪيو ويو جڏهن ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي 2 ايڊيشنل ججز جي مستقلي تي به اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اجلاس ۾ وفاقي آئيني عدالت ۾ ججز جي مقرري جي لاءِ رولز ٺاهڻ جي معاملي کي به غور هيٺ آندو ويو. ذريعن موجب جوڊيشل ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اعظم خان کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان سان گڏ ئي جسٽس محمد آصف ۽ جسٽس انعام امين منهاس کي به مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو جوڊيشل ڪميشن اڪثريت راءِ سان ڪيو.
ذريعن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جا ٻه ميمبر جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيا. چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي پي ٽي آءِ جي ٻن ميمبرن جي شرڪت ڪرڻ جي حوالي سان جوڊيشل ڪميشن کي آگاهه ڪيو.










