ڪراچي(ويب ڊيسڪ)يمني حڪومتي فوج، سعودي عرب جي مدد سان، حضرموت ۽ المهرہ صوبن کي متحدہ عرب امارات جي مدد يافته علحدگي پسند سدرن ٽرانزيشنل ڪائونسل (STC) کان واپس وٺي ڇڏيا آهن.
پريزيڊنشل ليڊرشپ ڪائونسل (PLC) جي سربراھ رشاد العليمي، جيڪو جنگ زدہ ۽ ٽڪرن ۾ ورھايل ملڪ جي بين الاقوامي طور تسليم ٿيل حڪومت آھي، ھڪ بيان ۾ چيو آهي ته سعودي مدد يافته ھوم لينڊ شيلڊ فورسز “ريڪارڊ ڪاميابي” حاصل ڪئي آھي “صوبي ۾ سڀني فوجي ۽ سيڪيورٽي پوزيشنن کي واپس ورتو آهي” سعودي عرب جي سرحدي يمني صوبن ۾ جاري آپريشن جي هڪ ڏينهن بعد ڪاميابي جوا علان ڪيوآهي.
اهم ڳالھ اھا آھي ته حڪومت اعلان ڪيو ته هنن مڪلا جو ڪنٽرول به ٻيهر حاصل ڪري ورتوآھي، جيڪو مشرقي بندرگاھ ۽ حضرموت صوبي جي گاديءَ جو شهر آھي. مڪلا جي بندرگاهه تي سعودي عرب ان وقت حملو ڪيو هو جڏهن يو اي اي جا ٻه سامونڊي جهاز لنگر انداز ٿي سامان لاهي رهيا هئا. سعودي عرب الزام هنيو هو ته يو اي اي وارا ايس ٽي سي لاءِ هٿيار کڻي آيا آهن پر يو اي اي جي دعوا هئي ته هنن يمن ۾ موجود پنهنجي فوجين لاءِ گاڏيون آنديون آهن. سعودي فورسز گذريل ڏينھن ۾ ان تي حملو ڪيو.
حڪومتي ذريعن الجزيرہ عربي کي ٻڌايو ته يمني حڪومتي فوجن حضرموت جي سڀني ضلعن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آھي، جيڪو يمن جو سڀ کان وڏو صوبو آھي. جڏهن ته المهرہ صوبي جي يوٿ آفيس جو ڊائريڪٽر جنرل محمد عمر سوالم به آچر ڏينھن انادولو نيوز ايجنسي کي ٻڌايو هو ته ھوم لينڊ شيلڊ فورسز STC فورسز جي واپسيءَ کان پوءِ صوبي جي سڀني يعني 9 ضلعن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آھي. اربع کان وٺي، يمن ۾ تڪرار ۾ غير معمولي واڌ ٿي آھي، STC فورسز طرفان ڊسمبر جي شروعات ۾ حضرموت ۽ المهرہ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ ٻئي صوبا يمن جي اڌ کان وڌيڪ علائقي تي مشتمل آھن ۽ سعودي عرب سان سرحد شيئر ڪن ٿا.
الجزيرہ جي يمن معاملن جي ايڊيٽر احمد الشلفي مطابق، گذريل ڏينھن ۾ يمن جي سياسي ۽ فوجي منظرنامي ۾ وڏيون تبديليون آيون آھن. هن چيو ته”يمني فوج ۽ ھوم لينڊ شيلڊ فورسز ميدان جنگ ۾ داخل ٿيا ۽ فوجي طور مداخلت ڪري زمين تي تڪرار حل ڪيو.” سندس موجب “سياسي عمل ٻئي نمبر تي آيو، جڏھن يمني حڪومت سدرن ٽرانزيشنل ڪائونسل کي سعودي عرب ۾ ڪانفرنس لاءِ دعوت ڏني.”
عدن ۾ فوتگيون ۽ تڪرار
جمعي کان وٺي، گھٽ ۾ گھٽ 80 STC جا جنگجو سعودي مدد يافته فورسز سان ويڙھ ۾ مارجي ويا آھن، ھڪ گروپ آفيسر آچر ڏينھن اي ايف پي نيوز ايجنسي کي ٻڌايو. آفيسر مطابق، گھٽ ۾ گھٽ 152 STC فورسز جا ميمبر زخمي ٿيا، ۽ 130 قيدي بڻيا.
ڇنچر ڏينھن STC جي ھڪ فوجي آفيسر اي ايف پي کي ٻڌايو هو ته سعودي جنگي جهازن مڪلا جي اولھه ۾ برشيد ۾ گروپ جي ھڪ ڪيمپ تي “شديد” هوا حملا ڪيا.
پر بهرحال، STC سعودي عرب سان ڳالھائڻ جي آڇ کي ڀليڪار چيو، ان کي “حقيقي موقعو” سڏيو جيڪو “ڏکڻ يمن جي ماڻھن جي امنگن” جي حفاظت ڪري ٿو.
ان کان علاوه، مقامي ذريعن الجزيرہ کي ٻڌايو ته حضرموت علائقي ۽ صوبي ۾ سيئون شھر ۾ زندگي آھستي آھستي معمول تي موٽي رھي آھي، جتي رياستي ادارن کي وري فعال ڪرڻ ۽ شهرين کي سروسز جي مسلسل فراهميءَ جي ڪوششن جي طور ڪم وري شروع ٿيو آھي.
حضرموت گورنر ساليم احمد سعيد الخنباشي وادي حضرموت Hadramout ۾ سيئون ايئرپورٽ تي پھچي ويو ۽ ھوم لينڊ شيلڊ فورسز طرفان علائقي جو ڪنٽرول سنڀالڻ بعد کانپوءِ، الجزيرہ عربي رپورٽ ڪيو آھي. پر ڏکڻ يمن ۾ ٻين هنڌن تي اڃا به تڪرار ۽ اختلاف موجود آھن.
يمن جي بين الاقوامي طور تسليم ٿيل حڪومت ڏکڻ يمن جي بندرگاھي شھر عدن ۾ STC طرفان مبينه طور چر پر تي لڳايل پابندين کي غيرقانوني قرار ڏنو آهي.
حڪومت STC تي الزام لڳايو آهي ته ڪجھه مسافرن کي عدن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو، ۽ شھر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ ماڻھن کي حراست ۾ ورتو ويو، جنھن ۾ خاندان ۽ علاج لاءِ ويندڙ بيمار به شامل آھن.
هن چيو ته STC جي “شهرين جي عدن ڏانھن حرڪت تي پابنديون آئين جي سنگين ڀڃڪڙي آھن ۽ رياض معاھدي جي به ڀڃڪڙي آھي. اسان سدرن ٽرانزيشنل ڪائونسل کي اپيل ڪريون ٿا ته فوري ۽ غير مشروط طور شهرين جي حرڪت تي سڀ پابنديون ختم ڪري. اسان زور ڏيون ٿا ته رياست شهرين جي حفاظت ۽ حرڪت جي آزاديءَ جي ضمانت لاءِ قدم کڻندي.”
ھڪ حڪومتي آفيسر رائٽرز کي ٻڌايو ته يمني حڪومتي فوجون حضرموت کان عدن ڏانھن اڳتي وڌنديون، جيڪو STC جو مک ڳڙهه آھي. عدن انٽرنيشنل ايئرپورٽ مان ڪجھه فلائٽس وري شروع ٿي ويون آھن، جمعي ڏينھن بند ٿيڻ کان پوءِ، حڪومت ۽ سعودي عرب ھڪ پاسي، ۽ STC ٻئي پاسي، بندش جو الزام ھڪ ٻئي تي لڳائي رھيا آھن.
پر ٻين هنڌن تي پابنديون جاري آھن، آمريڪي سفارتخاني يمن ۾ چيو ته کيس سوڪوٽرا ڏانھن ۽ کان فلائٽس جي بندش ۽ ري ڊائريڪٽ ڪرڻ جون رپورٽون مليون آھن، جيڪو ھندي سمنڊ ۾ يمني ٻيٽ آھي.










