اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ملازمن احتجاج ڪيو.سرگوڌا جي تعلقي ڀلوال ۾ يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ خلاف ملازمن احتجاج ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي.ڊي آءِ خان ۾ ملازمن يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ خلاف جي پي او چوڪ تي احتجاج ڪيو.احتجاج ڪندڙن چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ هزارين ملازمن جو قتل آهي، اهو فيصلو واپس ورتو وڃي.ڪريڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.مظاهرين واعدو ڪيو ته يوٽيلٽي اسٽورز بند نه ٿيڻ ڏينداسين.










