يونيورسٽين کان شاگرد يونين جي بحالي بابت رپورٽ طلب

يونيورسٽين کان شاگرد يونين جي بحالي بابت رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران سنڌ جي سمورين يونيورسٽين کان شاگرد يونين جي بحالي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي. يونيورسٽين واري صوبائي وزيراسماعيل راھو سمورين يونيورسٽين کان شاگرد يونين جي بحالي بابت رپورٽ طلب ڪندي چيو آھي ته سنڌ حڪومت سنڌ اسمبلي مان 11 فيبروري 2022 تي شاگرد يونين ايڪٽ 2019 پاس ڪيو ھو، سمورين يونيورسٽين کي شاگرد يونين ايڪٽ تي 2 مھينن اندر عمل در آمد ڪرڻو ھيو،سموريون يونيورسٽيون سنڌ شاگرد يونين جي نفاذ بابت پيش رفت رپورٽ ڏين.صوبائي وزير اسماعيل راھو وڌيڪ سوال ڪندي چيو ته اڃا تائين شاگرد يونين ايڪٽ جا قائدا سنڌ جي يونيورسٽين ۾ لاڳو ڇو ناھن ٿيا؟،ٻين صوبن کي به سنڌ جيان شاگرد يونين جي بحالي جا دروازا کولڻ گھرجن. يونيورسٽيز وارو صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي سمورين سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽيز ۾ تمام جلد شاگرد يونين جا اليڪشن ڪرايا ويندا،شاگرد يونين جي بحالي جي قانون جو اطلاق سرڪاري سان گڏ نجي يونيورسٽيز تي به لاڳو ٿئي ٿو. ان سلسي ۾ يونيورسٽيز واري وزير ٻين معاملن سان گڏ شاگرد يونين تي پيش رفت بابت سنڌ جي سموري يونيورسٽين جواھم اجلاس سومر ڏينھن 28 نومبر تي گھرائي ورتو آھي. جنھن ۾ 27يونيورسٽيز جا وائس چانسلر اجلاس ۾ شاگرد يونين بابت پيش رفت رپورٽ پيش ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو