نوشھروفيروز (ن س)يونين ڪائونسل کاهي ممن جي ڳوٺ هني واهڻ ۾ صادق فائونڊيشن ۽ يو ايس اي جي سهڪار سان هڪ ڏينهن جي مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي۔ جتي مختلف ڳوٺن جي ٻوڏ ۽ برسات متاثر 478 مريضن جو مفت چيڪ اپ ڪري دوائون ڏنيون ويون ان موقعي تي ڪئمپ جو دورو ڪندي يو ايس اي مان آيل محترم طفيل احمد ميمڻ، صادق فائونڊيشن جي باني اشفاق احمد ميمڻ، ضلعي منير احمد ميمڻ، مولا بخش ميمڻ، محمد حنيف ۽ حاجي اعجاز سولنگي چيو ته اسانجي خوش نصيبي آھي جو الله سائينء اسانکي غريب عوام جي خدمت لاء چونڊيو آھي اسان خدمت ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪنداسين۔ ان موقعي تي ڊاڪٽر خادم حسين ميمڻ، ڊاڪٽر محمد قاسم ڏنگراج، اعجاز ممنائي، عرفان رضا،اياز راڄپر، بلاول خانزادو، قربان رضا، غلام عباس سولنگي ۽ ٻين والنٽيئر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏنا۔










