يونائٽيڊ ميمڻ جماعت پاران مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي

يونائٽيڊ ميمڻ جماعت پاران مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي

نوشهروفيروز (مشتاق مري) يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت تعلقه ڀريا طرفان 3 ڏينھن جي مفت اکين جي ڪئمپ ڳوٺ کاھي ممن ۾ لڳائي ويئي جنھن ۾ اکين جي بيمارين ۾ ورتل سوين مريضن جو چيڪ  اپ ڪيو ويو جڏھن 250 مريضن جو آپريشن ڪري مريضن کي لئنسز، دوائون، بسترو ۽ کاڌو پيتو پڻ جماعت پاران فراھم ڪيو ويو. ان موقعي تي جماعت جي صدر منير احمد ميمڻ ٻڌايو ته سال ۾ ٻه ڀيرا ھيءَ مفت اکين جي ڪئمپ لڳندي آھي جنھن ۾ ڪراچيءَ جا ڊاڪٽر فيڪو مشين ذريعي آپريشن ڪندا آھن ھن سال 2020 جي ھيءَ پھرين ڪئمپ آھي جڏھن ته ٻي ڪئمپ ڊسمبر ۾ لڳندي. ان واضح ڪيو ته ڪئمپ جا باقي ٻه ڏينھن کاھي ممن کان علاوہ اٽل ٻوھيو، ڀريا روڊ، گهيڙگجو، مڃٺ ۽ ٻين علائقن ۾ لڳندي جتان گاڏين وسيلي مريضن کي کاھي ممن پھچايو ويندو جتي سندن اکين جا آپريشن ٿيندا ۽ بعد ۾ کين پنھنجي علائقن تائين پھچايو ويندو. ياد رھي ته ھن ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر سيد آصف شاھه ڊاڪٽر عبدالمجيد شيخ ۽ ڊاڪٽر نياز حسين آپريشن ڪري رھيا آھن ۽ ڪئمپ جا سمورا اخراجات يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت ڪراچي برداشت ڪري رھي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو