14 آگسٽ، راندين سان لاڳاپيل شخصيتن کي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان

14 آگسٽ، راندين سان لاڳاپيل شخصيتن کي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)يوم آزادي تي پاڪستان حڪومت راندين سان لاڳاپيل مختلف شخصيتن کي سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.پاڪستان جي اسڪواش ليجنڊ جهانگير خان کي نشان امتياز سان نوازيو ويو آهي. ڪامن ويلٿ گيمز ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ارشد نديم ۽ نوح دستگير بٽ کي سٺي ڪارڪردگي تي صدارتي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.پاڪستان حڪومت پاران جاري ڪيل لسٽ موجب يوم آزادي جي موقعي تي جن ماڻهن کي مختلف سول ايوارڊز لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، انهن ۾ راندين جون شخصيتون به شامل آهن.اسڪواش ليجنڊ جهانگير خان کي نشان امتياز جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ ڪبڊي فيڊريشن جي سربراهه چوڌري شفيع کي ستاره امتياز لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بسميه معروف ۽ ڪبڊي رانديگر شفيق چشتي کي امتياز ميڊل لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.ڪامن ويلٿ گيمز ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ارشد نديم ۽ نوح دستگير بٽ کي سٺي ڪارڪردگي تي صدارتي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.پهاڙي رانديگر سرباز علي، ننڍي ڪريم، سنوڪر پليئر احسن رمضان، ڪراٽيڪا شاهده، اسڪائينگ رانديگر آمنه ولي، بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو مسعود جان، مارشل آرٽ ۾ عرفان محسود به پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ حاصل ڪيا. انهن رانديگرن لاءِ سرڪاري ايوارڊ تقريب 23 مارچ 2023 تي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو