بوزداروڏا(حسين ٽانوري) يوسي پير ٻڍڙو جي انتظاميه جي بي ڌياني سبب يوسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڳوٺ حاجي سنجر خان لنڊ، ڳوٺ علي بخش لنڊ،ڳوٺ غلام اڪبر لنڊ، گابر شاخ ۽ ٻين ڪيترن ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ڪري عوام صخت پريشان ،صفائي نه ٿيڻ ڪري گندگي جا ڍير لڳل آھن جڏهن ته نالين جي صفائي نه ٿيڻ ڪري گندين نالين جو پاڻي رستن ۽ گهٽين ۾ بيهڻ ڪري اڪثر علائقي ۾ بدبوءِ ڦھليل رهي ٿي ۽ گندگي سبب وڏيون بيماريون پکڙجڻ جو انديشو آهي رستن تي پاڻي بيهڻ ڪري اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وڏيون پريشانيون درپيش آهن گذريل ڪيترن سالن کان صفائي نه ٿيڻ ڪري يوسي پيرٻڍڙو جا مختلف محلا ۽ رستا کنڊر بڻيل آھن علائقي واسين جميل احمد لنڊ ،ذولفقار لنڊ، فوجي ڪمال الدين لنڊ ،حاڪم خان لنڊ،اعظم طارق لنڊ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته هتان جي عوام سان يوسي چئيرمين محفوظ ڪٻر ۽ ضلعي ميمبر محمد نواز لنڊ وڏي ويڌن ڪري آهي ايتري قدر ڳوٺاڻن ٻڌايو ته چئن سالن ۾ نه اسان کي سولر پليٽ، نه سلائي مشين ،نه نلڪا مليا آهن نه وري ڪوبه ترقياتي ڪم ڪرايو ويو آهي هنن سنڌ حڪومت ۽ ٻين اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته يوسي سميت علائقي اندر ترقياتي ڪم ڪرائي ڏنا وڃن
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو