سکر (امداد علي ڪلوڙ): تيل ۽ گئس ڪمپنين جي حدن ۾ ايندڙ علائقن جي ترقيءَ لاءِ پيٽروليم واري وفاقي وزارت جي هدايتن تي جوڙيل ضلعي سوشل ويلفيئر ڪميٽي سکر جو اجلاس ڊي سي آفيس سکر ۾ ڪميٽي چيئرمين ايم اين اي سيد خورشيداحمد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر غلام مرتضيٰ شيخ، ڪمپنين جي نمائندن، لاڳاپيل يوسي چيئرمينز، انجنيئر پبلڪ هيلٿ ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته ڳوٺن ۾ هلندڙ 14 اسڪول سنڌ تعليم کاتي حوالي ٿيڻ تائين استادن جون پگهارون جاري رکيون وينديون، جڏهن ته آر او پلانٽ ۽ واٽرسپلاءِ اسڪيمون پڻ بحال رکيون ويون. ڪميٽي چيئرمين ۽ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته تيل گئس ڪمپنين جي کوهن جي حدن ۾ ايندڙ ڳوٺن کي پيئڻ جو مٺو پاڻي پهچائڻ لاءِ واٽرسپلاءِ اسڪيم جو جلد ٽينڊر ڪرايو وڃي ۽ موجود وسيلن مان بهتر نموني معياري ڪم ڪرايو وڃي ان ڏس ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته پاڻي جي ٽيسٽنگ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن صاف پاڻي ڳوٺاڻن کي مهيا ٿي سگهي. هن چيو ته ڏورانهن علائقن ۾ پاڻي ۽ بجلي پهچائڻ اسانجي ذميوارين ۾ شامل آهي جيترا به پئسا خرچ اچن پر ڳوٺن ۾ پاڻي پهچائي ماڻهن کي اُڃ مرڻ ۽ بيمارين کان بچايو ويندو ان لاءِ هو ٻين وسيلن مان به پئسا هن علائقي ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺندو. خورشيد احمد شاهه هدايت ڪئي ته سوشل ويلفيئر فنڊن مان يوسي لال جڙيو ۽ يوسي وس جي ڳوٺن ۽ گهرن جي هڪ هفتي اندر سروي مڪمل ڪئي وڃي ۽ هر ڳوٺ کي سولر سسٽم ذريعي بجلي فراهم ڪري هر گهر کي چار سولر پليٽس، پکو، سيور ۽ بيٽري فراهم ڪئي وڃي ته جيئن علائقي واسي سک جو ساهه کڻي سگهن. يوسي چيرمينز جي شڪايت تي ڪميٽي چيئرمين هدايت ڪئي ته 60 لکن جي لاڳت سان ڳوٺن کي ٽينڪرز ذريعي فراهم ٿيندڙ پاڻي جي مانيٽرنگ ڪئي وڃي ۽ مڪاني چونڊيل نمائندن کان پاڻي پهچڻ جي تصديق ڪرائي بعد ۾ ادائگي ڪئي وڃي، جڏهن ته يو سي چيئرمينز پاڻي نه پهچڻ بابت لکت ۾ شڪايت پيش ڪن. سيد خورشيد احمد شاهه لاڳاپيل يوسيز چيئرمينز کي چيو ته واٽرسپلاءِ اسڪيم پهريون سال پبلڪ هيلٿ هلائيندي جنهن دوران يوسي عملي کي تربيت ڏني وڃي ته جيئن اهي اسڪيم کي هلائي سگهن. هن ڊي سي سکر کي هدايت ڪئي ته لاڳاپيل يونين ڪائونسلن ۾ موبائيل طبي ڪيمپ هر مهيني منعقد ڪري علاج ۽ ٽيسٽون ڪيون وڃن ۽ ماڻهن کي دوائون مفت فراهم ڪيون وڃن.










