پيرس(ويب ڊيسڪ)فرانس ۾ سخت گرميءَ جي لهر جاري آهي، جنهن سبب گذريل خميس کان هينئر تائين درياهن ۽ واهن ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي وڃڻ جي واقعن ۾ 40 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.
فرانس جي ڪيترن ئي وڏن شهرن ۾ گرمي پد رڪارڊ سطح تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته يورپ جي مختلف ملڪن ۾ گرميءَ جي لهر پنهنجي عروج تي آهي.
فرانس جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزيرمرينا فيراري فرانسيسي ريڊيو سان ڳالهائيندي خبردار ڪيو ته: “هيٽ ويو دوران غير محفوظ هنڌن تي ترڻ کي معمولي ڳالهه نه سمجهيو وڃي.”
فرانس سان گڏ اسپين ۽ اٽلي پڻ انهن ملڪن ۾ شامل آهن جيڪي هن شديد گرميءَ جي لهر کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن.
فرانس جي موسميات واري اداري موجب، سومر جو ڏينهن فرانس ۾ جون مهيني جو سڀ کان گرم ڏينهن رڪارڊ ڪيو ويو.
فرانس جي راندين واري وزير چيو ته تمام گهڻا ماڻهو گرميءَ کان بچڻ لاءِ درياهن ۽ واهن ۾ وهنجي رهيا آهن، پر اهي ان سان لاڳاپيل خطرن کي سنجيدگي سان نٿا وٺن.
ٻئي طرف، جرمني ۾ پڻ ڪيترائي ماڻهو ٻڏي فوت ٿي چڪا آهن، ۽ اتي هفتي جي آخر تائين گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
جرمن لائف سيونگ ايسوسيئيشن موجب، جمعي کان آچر جي وچ واري عرصي دوران ترڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ 6 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن.










