يروشلم ۾ پرتشدد منظرن تي ڳڻتي آهي، آمريڪا

يروشلم ۾ پرتشدد منظرن تي ڳڻتي آهي، آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا والاريل بيت المقدس ۾ اسرائيلي ڪارروائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته کيس يروشلم ۾ پرتشدد منظرن تي ڳڻتي آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ويدانت پٽيل جو چوڻ آهي ته آمريڪي انتظاميا اسرائيل ۽ فلسطيني اختيارين سان رابطي ۾ آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ ويدانت پٽيل چيو ته اسرائيلي ۽ آمريڪي اختيارين وچ ۾ مسجد الاقصي تي حملي تي ڪا خاص ڳالهه ٻولهه نه ٿي.واضح رهي ته اسرائيلي فورسز گذريل ڏينهن مسجد اقصيٰ جي احاطي ۾ نمازين تي حملا ڪيا هئا، جنهن ۾ درجنين فلسطيني زخمي ٿي پيا هئا.اسرائيلي فورسز ساڍا ٽي سئو کان وڌيڪ فلسطينين کي حراست ۾ پڻ ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو