سنڌ اندر مختلف واقعن ۾ نينگر سميت 5 ڄڻا فوت، 8 زخمي

سنڌ اندر مختلف واقعن ۾ نينگر سميت 5 ڄڻا فوت، 8 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ اندر مختلف واقعا پيش اچڻ سبب نينگر سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن جن کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. اوٻاوڙ مان غلام علي رند مطابق ڳوٺ علي حسن عمراڻي ۾ راند کيڏندڙ 9 سالن جو معصوم نينگر عامر علي ولد امداد عمراڻي مٿان اچانڪ وڻ ڪري پيو جنهن تي وارث پهچي نينگر کي اسپتال داخل ڪيو پر نينگر فوت ٿي چڪو هو. اسپتال ۾ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نينگر جي اوچتي موت سبب گھر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. اوٻاوڙو مان غلام علي رند مطابق محمد پور لنڪ روڊ ڳوٺ سلمان مهر وٽ ٻن نامعلوم هٿياربندن جو موٽر سائيڪل سوار تي حملو فائرنگ جي نتيجي ۾ نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ٿڏي تي مارجي ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي اوٻاوڙو تعلقه اسپتال کڻائي آئي جتي لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. رابطو ڪرڻ تي رونتي پوليس ٻڌايو ته اطلاع تي اسان لاش اسپتال پهچايو آهي وڌيڪ واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. آخري اطلاع تائين لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي. *** غوثپور مان عبدالنبي ملڪ مطابق انڊس هاءِ وي تي مکواني لاڙو ڀرسان ٻن تيز رفتار موٽر سائيڪلن جي آمھون سامھون ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ھڪ عورت مسمات شمع خاتون سميت طالب ڀيو ۽ عزيز الله ميراڻي سخت زخمي ٿي پيا جن کي وارث کڻائي شھر جي رورل ھيلٿ سينٽر ۾ آندو جٿي کين ابتدائي طبي امداد ڏني وئي زخمين مان عزيز الله ميراڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سب کيس لاڙڪاڻي اسپتال موڪليو ويو. غوثپور اندر ٻيو واقعو کرڙو شاخ ڀرسان ڳوٺ عمردين بجاراڻي کان پلال جو ٽريڪٽر ڀري غوثپور ايندڙ 30 ورھين جو نوجوان صدر الدين اعواڻ بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارث بيهوشي واري حالت ۾ شھر جي نجي ميڊيڪل سينٽر تي آندو جٿي کيس ابتدائي طبي امداد ڏئي نازڪ حالت ھجڻ سبب سکر اسپتال موڪليو ويو آھي. *** نوابشاهه مان اي ڪي ڏاهري مطابق ساجن ڳاهو اسٽاپ ڀرسان تيز رفتار ڪار موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن ۾ پنج ٻارڙا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ ٻه ڀائر عبدالرحمان کوکر ۽ انيس الرحمان کوکر سان گڏ ڇهن سالن جو سلمان کوکر، اٺ ورهين جو ڪاشف کوکر شامل آهن.

*** ڪوٽ لالو مان باغ علي مطابق ڪجهه ڏينهن اڳ مهراڻ نيشنل هاءِ وي روڊ تي پيرجمن شاھ جي ميلي تان واپس ايندڙ منگيا ناڪي تي ٻن موٽرسائيڪلون ۾ ٽڪر ٿئي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ساجد علي ڪمبوه سخت زخمي ٿئي پيو هو جنهن کي نواب شاھ جي اسپتال آئي سي يو ۾ داخل ڪيو ويو هو جيڪو اڄ زخمن جا سور نه سهندي زندگي جي جنگ هارئي ويو نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.ڪنڌ ڪوٽ مان غالب بلوچ مطابق بي سيڪشن ٿاڻي جي حد دبئي ھوثل ويجھو تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيوجنھنجي نتيجي ۾ بھلڪاڻي برادري سان تعلق رکندڙ شاھ محمد پٽ عبدالخالق ۽ سندن جي ڌيءَ فوت ٿي وئي.حادٽي جو ڪارڻ ٽرالر ڊرائيور اوور ٽيڪ ڪندي سامھون ايندڙ موٽرسائيڪل مٿان چڙھي وئي جنھنجي ۾ ٻنھي ڄڻن موقعي تي ئي دم ڏنو. بي سيڪشن پوليس پھچي ڪري ٽرالرکي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ٻنھي فوتين جا لاش ڪنڌڪوٽ اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو