وڳڻ لڳ اي اين ايف جو ڇاپو، منشيات هٿ، 2 ڄڻا گرفتار

وڳڻ (علي  مصطفيٰ بروهي) صالپور ۾ جمعي تي صبح سوير اينٽي نارڪوٽس سکر جي ٽيم پاران هڪ اوطاق تي ڇاپو هڻي مبينه طور منشيات ھٿ ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن. جڏھن ته 2 ڄڻا سراج احمد چانڊيو ۽ زاھد چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. قمبر ضلعي ۾ منشيات فروشن خلاف اينٽي نارڪوٽس فورس سکر جي ٽيم جون ڪاروايون ھلندڙ آهن ٻنھي ڄڻن کان وڌيڪ جانچ ڪري منشيات جي وڏي کيپ تي ڪاروائي ڪرڻ جا به اطلاع آهن جڏهن ته اھي به اطلاع آهن ته ڪجھ ڏينهن اڳ يارو ديرو ۾ پڻ اينٽي نارڪوٽس جي ٽيم ھڪ اوطاق تي ڪاروائي ڪئي ھئي ٽيم کي ڏسندي ئي منشيات فروش فرار ٿي ويا ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي هئي. حد جي پوليس پڻ ڪاروائي جي تصديق ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو