وڳڻ جي بجيٽ هضم، شهر ۾ گند جا ڍير، احتجاج

وڳڻ جي بجيٽ هضم، شهر ۾ گند جا ڍير، احتجاج

وڳڻ (غلام مصطفئ بروهي) ٽائون ڪاميٽي وڳڻ جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ شھر اندر مٺي پاڻي گيس سولر لائيٽن جي سھولت نه ھئڻ توڙي ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ ۽ ٽائون انتظاميا جي نااھلي ۽ ڦنڊ ھڙپ ڪرڻ خلاف سجاڳ نوجوان اتحاد پاران احتجاجي مظاھرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ٽائون ڪاميٽي جي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن  ، گلاب وڳڻ،ممتاز وڳڻ, سجاد وڳڻ ,محمد يونس وڳڻ,علي رضا, احمد خان عباسي, ٻين چيو ته وڳڻ شھر سميت ٽائون ڪاميٽي جي مختلف ڳوٺن جعفراڻي، پير جو ڪوٽ، عالي کبڙ، کٽڻ خان مغيري، ٻانھو خان مغيري، سچيڏنو چانڊيو ۽ قادر بخش بلوچ ۾ ڪابه بنيادي سھولت ميسر ناھي ٽائون ڪاميٽي جي ھر مھيني لکين رپين جي بجيٽ هر مهيني هڙپ ڪئي وڃي ٿي، شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو