وگهيا برادري جي ٻن ڌرين م زمين جي حد بندي تان جهيڙو

لاکاروڊ (رپورٽ اظھر جلباڻي) ڳوٺ سلطان علي وگهيو ۾ زمين جي حد بندي تان وگهيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. هڪ ڌر پاران ٻئي ڌر تي علائقي جا با اثرن جي مدد ۽ پوليس پاران ڪو قدم نه کڻڻ خلاف ان ڌر جو پوليس خلاف احتجاج. متاثره ڌر جي رزاق علي وگهيو ۽ ٻين چيوته اسان پنهجن ٻني تي ڪم لاءِ وياسين ته اسان جي مٿان حملو ڪيو  ويو. هنن سنڌ ياراخبارسان ڳالهائيندي چيوته ارشاد وگهيو، طالب حسين ۽ شاهد علي وگهيو  اسان جي مٿان حملو ڪيو ۽ لٺيون وسايون. اسين لاکاروڊ پوليس اسٽيشن تي فرياد داخل ڪرڻ آيا سين  پر پوليس بااثرن جي فون اچڻ تي اسان جي ماڻهن کي لاڪپ ڪري مٿن تشدد ڪيو. اهري صورتحال بعد حملو ڪندڙ ڌر اسان جي دڪان تي حملو ڪري ڀڄ ڊاھ ڪندي ڦر لٽ ڪئي ۽ روڪ 3000 رپيا ۽ ٻيو سامان کڻي ويا. هنن وس وارن کي انصاف جي اپيل ڪئي ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان جاچ جو مطالبو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو