وڪيل قتل ڪيس،عمران خان ذاتي حيثيت ۾ طلب

وڪيل قتل ڪيس،عمران خان ذاتي حيثيت ۾ طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا ۾ وڪيل قتل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي 24 جولاءِ تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس يحيٰ خان آفريدي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس يحيٰ آفريدي پي ٽي آءِ چيئرمين لطيف کوسا جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته رليف حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستگذار کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻو پوندو ۽ عدالت آڏو سرينڊر ڪرڻو پوندو.جسٽس يحيٰ آفريدي رمارڪس ڏنا ته چيئرمين پي ٽي آءِ کي چئو ته پاڻ ئي عدالت ۾ پيش ٿي.جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي پڇاڻو ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ چيئرمين اڄ پيش ٿي سگهي ٿو؟ وڪيل لطيف کوسا جواب ڏنو ته هڪ ڪلاڪ ۾ سپريم ڪورٽ اچي ويندو، جنهن تي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ کي اڄ ئي اچڻ جو چيو.جسٽس يحييٰ آفريدي رمارڪس ڏنا ته بهتر ٿيندو ته ان ڪيس ۾ پهريان سرڪاري وڪيل جواب ڏئي پوءِ چيئرمين پي ٽي آءِ پيش ٿئي.بلوچستان جي پراسيڪيوٽر جنرل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري، جنهن تي عدالت ڌرين کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏيندي ڪوئيٽا ۾ وڪيل قتل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي 24 جولاءِ تي صبح 10 وڳي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو