وڪيلن جي غنڊه گردي، ڪراچي جي ڊاڪٽرن کي مارڻ جون ڌمڪيون

وڪيلن جي غنڊه گردي، ڪراچي جي ڊاڪٽرن کي مارڻ جون ڌمڪيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لاهور جي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي ۾ حملو ڪندڙ وڪيلن جي غنڊهه گردي کان پوءِ هاڻي ڪراچي جي وڪيلن به پنهنجي ڪاري ڪوٽ وارن ڀائرن جي حمايت ڪندي ڊاڪٽرن تي حملو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. 3 ڏينهن اڳ هڪ ويڊيو وائرل ٿيڻ جي ردعمل ۾ وڪيلن طرفان لاهور ۾ پي آءِ سي تي حملو ڪندي ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي ۽ ان هنگامي دوران هڪ عورت سميت 3 مريض فوت ٿي ويا هئا. پي آءِ سي ۾ هنگامي ۽ ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾ کوڙ سارن وڪيلن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي جن جي آزادي لاءِ وڪيل تنظيمن طرفان سڄي ملڪ ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو پيو وڃي ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن. ان سڄي صورتحال کان پوءِ ڪراچي جي وڪيلن به متحد ٿي ڊاڪٽرن تي حملي ڪرائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ صاف نظر اچي رهيو آهي ته ڪراچي جا وڪيل به اشتعال انگيزي تي لهي آيا آهن ۽ چڙ ڏياريندڙ بيان ڏئي رهيا آهن. ويڊيو ۾ هڪ وڪيل چئي رهيو آهي ته سڀ کان پهرين ڊاڪٽرن حملو ڪيو وڪيلن ته صرف جواب ڏنو اسان اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن کي نه ڇڏينداسين ملڪ ڊاڪٽرن نه پر وڪيلن ٺاهيو آهي. وڪيل وڌيڪ چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن ڊاڪٽرن، پوليس يا ڪنهن ايجنسي اڳتي قدم وڌايو ته پاڪستان جي سڀني اسپتال ۾ اندر گهڙي ڊاڪٽرن کي مارينداسين. اسان انهن وڪيلن کي خوش آمديد چئون جنهن ڊاڪٽرن ۽ پوليس وارن کي ماريو آهي. اسان وڪيل برادري سان گڏ آهيون ۽ ان جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا. هڪ ٻيو وڪيل چئي رهيو آهي ته ڪراچي جي ڊاڪٽرن کي به نه ڇڏينداسين ڊاڪٽر جيڪڏهن پنهنجي حفاظت چاهين ٿا ته اسان کان معافي وٺن. وڪيلن جو چوڻ هو ته اسان في الحال ڪراچي بار اليڪشن ۾ مصروف آهيون جيڪڏهن گهڻي ضرورت پئي ته اسان ڊاڪٽرن کي جواب ڏيڻ لاءِ تيار ويٺا آهيون. چاهي اهي جناح اسپتال جا ڊاڪٽر هجن يا ڪراچي جي ڪنهن به اسپتال جا ڊاڪٽر هجن انهن کي جوتا هڻنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو