ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن بابت ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو رپورٽ پيش ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 163 واقعا رپورٽ ٿيا جن ۾ 68 موبائيل/نقدي ڦر، 3 ڪارون چوري، 9 موٽرسائيڪلون ڦرڻ ۽ 83 ٻيون چوريون شامل آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ 3 مقابلا ٿيا جن ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا جڏهن ته 4 کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. 13 اسٽريٽ ڪرمنلز/چورن کي واقعي واري هنڌان سوگهيو ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪل 143 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ 27 اسٽريٽ ڪرمنل/ ڦورو، 11 ڪار لفٽرز، 2 قاتل، 29 غير قانوني هٿيار رکندڙ، 20 منشيات وڪرو ڪندڙ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث 54 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پوليس مختلف ڇاپن/آپريشن دوران 31 غير قانوني هٿيار، 20 ڪلو چرس، 1155 گرام هيروئن، 18 چوري ٿيل موبائيل فون ۽ 16 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون.










