وڏي وزير  پاران بلاول ڪاڪا جي قتل ۽ لاڳاپيل واقعن جو نوٽيس

وڏي وزير پاران بلاول ڪاڪا جي قتل ۽ لاڳاپيل واقعن جو نوٽيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ بلاول ڪاڪا جي قتل ۽ ان کانپوءِ ٿيل واقعي جو نوٽيس ورتو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ بلاول ڪاڪا جي قتل کانپوءِ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ٿيل واقعن تي پوليس کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته سنڌ امن جو گُر آهي ۽ ان جو امن ڪنهن به صورت ۾ خراب نه ٿيندو. هن چيو ته مختلف ٻولين جا ماڻهو سنڌ ۾ ڏهاڪن کان پيار سان رهن ٿا، حيدرآباد سميت سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ لساني بنيادن تي ٿيندڙ ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.سنڌ جي وڏي وزير پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي پروفيشنل جاچ ڪري جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڏوهارين جي ڪا ذات، قوم ۽ ٻولي ناهي هوندي، ڏوهه سندن شيوا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو