ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد جي ملاقات ٿي ملاقات ۾ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ بلدياتي تڪبندين سميت ٻين مامرن تي ڳالهيون ٿيون ۽ معاهدي تي اڳڀرائي بابت جائزو ورتو ويو وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ڏيڍ ڪلاڪ جي ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم پراڻا مطالبا ٻيهر ورجايا جنهن تي سنڌ حڪومت پاران اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو ذريعن مطابق پيپلزپارٽي ايم ڪيو ايم وفد کي آگاهه ڪيو ته بلدياتي تڪبندين جو معاملو اليڪشن ڪميشن سان مشروط آهي ۽ اسان نئين تڪبندين لاءِ تيار آهيون پر اليڪشن ڪميشن کي اوهان جا وڪيل راضي ڪن پيپلزپارٽي ان ڳالهه تي واضح موقف اختيار ڪيو ته اسان کي نيون تڪبنديون رڪائڻ تي ڪوئي اعتراض نه آهي خيال رهي ته ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ وسيم اختر، خواجه اظهارالحسن، امين الحق ۽ محمد حسين خان شامل هئا جڏهن ته پيپلزپارٽي اڳواڻن ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت جو ترجمان مرتضيٰ وهاب موجود هو.










