وڏي وزير طور پرويز الاهي جي ذميواري آهي ته امن امان برقرار رکي: چوڌري شجاعت

وڏي وزير طور پرويز الاهي جي ذميواري آهي ته امن امان برقرار رکي: چوڌري شجاعت

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ فساد نه ٿيڻ گهرجن. پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان پرويز الاهي امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ جي ذميواري آهي. مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته چوڌري پرويز الاهي پهريان پاڪستاني ۽ پوءِ پنجاب جو وڏو وزير آهي. وڏي وزير جي حيثيت سان پرويز الاهي جي ذميواري آهي ته امن امان جي صورتحال برقرار رکي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ ڪو به فساد نه ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان پرويز الاهي جي ذميواري آهي ته هو پنجاب جي عوام جي جان ۽ مال جو خيال رکي.

پهنجو تبصرو موڪليو