ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان سپر ليگ (PSL) ايونٽ ڪرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير نجم سيٺي کي پي ايس ايل ميلو ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريندي چيو ته پي سي بي جو ايونٽ اسان جو پنهنجو ايونٽ آهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير انٽرنيشنل ۽ مقامي ڪرڪيٽ جي ترقي لاءِ نجم سيٺي جي خدمتن کي ساراهيو. نجم سيٺي سنڌ جي وڏي وزير کي ڪرڪيٽ ڪلبن جي بحالي لاءِ ڪيل ڪوششن کان آگاهه ڪندي چيو ته پي ايس ايل جون ميچون 14 کان 26 فيبروري تائين ٿينديون.










