پشاور (نمائنده خصوصي) خيبر پختونخواه جي گورنر صوبائي ڪابينا ۾ اختلافن بعد ٽن وزيرن کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فارغ ڪيل وزير وڏي وزير محمود خان سان ناراض هئا ۽ ڪجهه معاملن ۾ واضح هدايتون ملڻ باوجود هو حڪومتي ۽ پارٽي ڊيڪورم جي خلاف ورزي ڪري رهيا هئا. جڏهن ته فارغ ڪيل وزير جو چوڻ آهي ته وڏي وزير جو ڀاءُ غير ضروري مداخلت ڪري رهيو هو جنهن تي شڪايت ڪئي ته اسانکي هٽايو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان جيڪو ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت لاءِ سوئزرلينڊ ۾ هو، ان جي لاهور پهچڻ بعد سندس منظوري سان ڪي پي جي گورنر شاهه فرمان ٽن وزيرن کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. هٽايل وزيرن ۾ صحت جو وزير شهرام ترڪئي، ثقافت، راندين ۽ سياحت جو وزير عاطف خان ۽ رونيو جو وزير شڪيل احمد شامل آهن. ياد رهي ته حڪومتي جماعت پي ٽي آءِ جي مرڪزي حڪومت، پنجاب حڪومت ۾ اختلافن بعد هاڻي خيبرپختونخواهه ۾ اختلاف سامهون آيا آهن. سنڌ ۾ پي ٽي آِ جي اتحادي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس يعني جي ڊي اي به حڪومت کان ناراض آهي ۽ سومر تي وزيراع۾ ڪراچي جي دوري وقت ساڻن ملاقات ڪري هنن جون غلط فهميون دور ڪندو.










