ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي اجلاس ۾ تيز برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي غور ويچار ڪيو ويو تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ يو ايس ايڊ جي منصوبن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آمريڪا سنڌ لاءِ 1 ملين ڊالر امداد جو اعلان ڪيو آهي سنڌ جو وڏو وزير چيو ته تيز برساتن سبب سنڌ جي ٽن ڊويزنن جا 8 ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن ،سنڌ جا 723 ڳوٺ متاثر ٿيا آهن 2135.4 ڪلوميٽر جي ايراضيءَ تي پکڙيل 548 مختلف روڊ، 45 پل، 32 دڪان ڊهي پٽ ڪيا ويا 22817 جزوي گهر ۽ 4520 مڪمل تباهي سميت 974 ڍور مارجي ويا ۽ 674 علائقن ۾ پکڙيل فصل تباهه ٿيا.تيز برساتن جي نتيجي ۾ 130 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن ۾ 54 مرد، 11 عورتون ۽ 65 ٻار شامل آهن، جڏهن ته 422 زخمي ٿي پيا.آمريڪي سفير چيو ته آمريڪي حڪومت پاڪستان کي موجوده ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ ملين ڊالر امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي سفير چيو ته مالي مدد يو ايس ايجنسي فار انٽرنيشنل ڊولپمينٽ (USAID) طرفان فراهم ڪئي وئي، ڪنسرن انٽرنيشنل ذريعي انساني همدردي جي مدد سان سنڌ ۾ آبادي جي جلد بحالي ٿيندي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته آمريڪا جي عوام هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ آهي اسان جون دليون انهن خاندانن سان گڏ آهن جيڪي پاڪستان ۾ ٻوڏ ۾ پنهنجا پيارا وڃائي ويٺا ۽ بحالي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن اميد آهي ته سنڌ صوبي لاءِ هي نئين فنڊنگ ڪميونٽيز لاءِ جلد بحالي ۽ مدد ثابت ٿيندي آمريڪي حڪومت پاڪستان جي مدد لاءِ پرعزم آهي. سنڌ جي وڏي وزير يو ايس ايڊ ذريعي قدرتي آفتن جي متاثرن لاءِ آمريڪي حڪومت جي ڪوششن تي شڪريو ادا ڪيو. ملاقات ۾ 155 ملين ڊالرن جي سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام ۾ تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايس بي اي پي کي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 106 اسڪول ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته ايس بي اي پي جي تعميراتي پيش رفت 92 سيڪڙو هئي، سنڌ جي وڏي وزير 84 اسڪولن جي عمارتن جي تعمير مڪمل ڪري تعليم انتظاميا حوالي ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان 75 سالن کان توانائي، معيشت، تعليم ۽ صحت ۽ ٻين اهم معاملن تي گڏجي ڪم ڪيو آهي. ملاقات ۾ آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، قاسم نويد قمر، رسول بخش چانڊيو پڻ موجود هئا.










