پشاور(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو ڪيو،ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير پوليس لين مسجد ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير شهيدن جي وارثن لاءِ 10 لک ۽ زخمين لاءِ 5 لک رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو آهي، صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت به وڏي وزير سان گڏ آهن،سنڌ جي وڏي وزير به پشاور ڌماڪي جي شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي،سنڌ جي وڏي وزير پوليس لين مسجد جو دورو پڻ ڪيو جتي ڌماڪو ٿيو










