وڏي وزير جي هدايت،ڊي سي جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجاڻي

وڏي وزير جي هدايت،ڊي سي جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجاڻي

بدين (ن س) وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ جي ھدايتن تي وقتي ڊپٽي ڪمشنر بدين نجيب الرحمان جمالي دربار ھال ۾ ضلعي بدين جي سمورن فرٽيلائزرن جي مينيجرن، ڊيلرن ۽ آبادگارن سان اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي گڏجاڻي ۾ وقتي ڊپٽي ڪمشنر بدين نجيب الرحمان جمالي ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ جي روڪٿام لاءِ ايف ايف بي ايل، فوجي فرٽيلائزر، اينگرو ۽ فاطمه فرٽيلائزر جي مينيجرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته يوريا ڀاڻ سان گڏ ڊي اي پي جي خريداري جو شرط ختم ڪيو وڃي ۽ اهڙو سرٽيفيڪيٽ پڻ ڏنو وڃي ۽ ضلعي بدين کي گهربل ڀاڻ جي ڪوٽا 10 ڏينهن جي اندر مڪمل ڪري ڏني وڃي ته جيئن آبادگار پريشاني کان بچي سگهن گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي فوجي فائونڊيشن جي مينيجر اسد چيو ته اسان وٽ 3 پلانٽ آهن پر هن وقت گئس جي گهٽتائي سبب هڪ پلانٽ بند آهي جنهن سبب ڀاڻ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ڀاڻ جي کوٽ تي ڪجهه ڏينهن ۾ ضابطو اچي ويندو جنهن تي فرٽيلائزر ڊيلرن وضاحت ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڀاڻ جي کوٽ مٿان کان آهي ته پوءِ بدين ضلعي کان ٻاهران وڌيڪ اگھ تي ڀاڻ ڪيئن پيو ملي؟ هنن الزام مڙهيندي چيو ته بدين جي ڪوٽا جو ڀان ٻين شهرن جي وڏن واپارين کي ڏنو پيو وڃي جنهن سبب ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ٿي رهي آهي گڏجاڻي ۾ ريجنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر امتياز ڀٽو اي ڊي سي ٽو وقار احمد ڪلوڙ اسسٽنٽ ڪمشنر بدين، تلهار ۽ شهيد فاضل راهو انهي کان علاوه فرٽيلائزر ڊيلر ۽ آبادگار پڻ موجود هئا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو