وڏي وزير جي صدارت هيٺ ورڪس سروس کاتي جو اهم اجلاس

وڏي وزير جي صدارت هيٺ ورڪس سروس کاتي جو اهم اجلاس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ورڪس اينڊ سروسز کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته 26 اسڪيمن تي ڪم تيز ڪيو وڃي ته جيئن اهي جون 2022ع تائين مڪمل ٿي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته موجود اسپتالن کي وڌائڻ ۽ ڪجهه ٻين سهولتن جون اسڪيمون آهن تنهنڪري انهن کي عوامي مفاد خاطر وقت سِر مڪمل ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ صحت جي شعبي جي ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سنڌ جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، ناڻي وارو سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، صحت وارو سيڪريٽري ذوالفقار شاهه، وڏي وزير جو اسپيشل سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري ورڪس عمران عطا سومرو، ايڊيشنل سيڪريٽري ناڻو شهاب انصاري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته صحت جي شعبي ۾ 18.4 ارب رپين جون 171 اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن جن مان 11.3 ارب رپين جون 96 اسڪيمن تي ڪم جاري آهي ۽ 7 ارب رپين جون 75 نيون اسڪيمون آهن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومت 96 جاري اسڪيمن لاءِ 7.8 ارب رپيا جاري ڪيا آهن ۽ 3.1 ارب رپيا استعمال ڪيا ويا آهن. اهڙي ريت 75 نيون اسڪيمن لاءِ 3.35 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن جن مان 1.17 ارب رپيا استعمال ڪيا ويا آهن. ان تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن مختص ڪيل رقم جو 60 سيڪڙو جاري ڪيو آهي پر جاري ڪيل فنڊن جو رڳو 29 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. صحت کاتي ٻڌايو ته 75 نيون اسڪيمن مان 27 جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ انهن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. پي اينڊ ڊي 16 اسڪيمن جي منظوري ڏني آهي ۽ انهن جون ايڊوائيس به جاري ڪيون ويون آهن جڏهن ته 23 اسڪيمون صوبائي ۽ وفاقي فورمن وٽان منظوري جي مرحلي ۾ آهن. 25 اسڪيمن جو پي سي ون عمل هيٺ آهي. ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته اسڪيمن جي مڪمل ٿيڻ ۾ دير ٿيڻ جا بنيادي چئلينج ڊالر ۽ رپئي جي قدر ۾ واڌ ۽ 20 سيڪڙو جي ايس ٽي تي عملدرآمد هو جنهن سان اسڪيمن جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پي اينڊ ڊي ۽ ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو اسڪيمن جي لاڳت ۾ واڌ جا مسئلا حل ڪن. هن ورڪس کاتي کي جون 2022 تائين 36 اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو