وڏي وزير جي صدارت هيٺ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس

وڏي وزير جي صدارت هيٺ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس

وڏي وزير جي صدارت هيٺ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي جي ترقياتي منصوبن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مڪاني کاتي وارو وزير سيد ناصر شاهه، قانون وارو صلاحڪار مرتضي وهاب، چيف سيڪريٽري سنڌ سھيل راجپوت ۽ ٻيا شريڪ ٿيا اجلاس ۾ وڏي وزير ملير ايڪسپرس وي تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته بريفنگ ۾ چيو ويو ملير ايڪسپرس وي 38.75 ڪلو ميٽر 3X3 لائن ايڪسپريس وي آهي، ملير ايڪسپريس وي ملير ندي ڪورنگ کان شروع ٿي موٽر وي سان ڪاٺوڙ واري هنڌ ڳنڊجندو وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ملير ايڪسپرس وي کي مختلف علائقن سان ڳنڍڻ لاءِ 6 انٽر چنجز قائم ٿيندا، ملرر ايڪسپريس وي جو 15 ڪلو مٽر زميني ڪم ٿي چڪو آهي بريفنگ ۾ چيو ويو ته اهو ڪم ڄام صادق پل کان قائدآباد تائين تزي سان جاري آهي، وڏي وزير جي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي ملير ايڪسپريس وي تي جاري ڪم وارن هنڌن تي پوليس پڪٽون قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي وڏي وزير کي اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته ملير ۾ زمين معاملي تي ڪجهه اشوز آهن، جنهن تي وڏي وزير بورڊ آف روينو کي لينڊ اشوز فوري حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ان موقعي مراد علي شاهه چيو ته آئون جلد ملير ايڪسپريس وي جي جاري ڪم جو دورو ڪندس

پهنجو تبصرو موڪليو