ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 28 ڪلاڪن دوران ڪٿي به ڪٽ نه هنيو ويندو. ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آبپاشي کاتي واري وزير، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ عملدارن وڏي وزير کي پاڻي صورتحال بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته درياهه ۽ پاڻي وهڪرن جو جائزو پڻ ورتو ويو.ان موقعي تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته 28 ڪلاڪن دوران ڪٿي به ڪٽ نه هنيو ويندو.سندس چوڻ هو ته منڇر ڍنڍ تي پاڻي جي سطح 124 آر ايل تائين کڻي وڃي سگھون ٿا، جڏهن ته حمل ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح گھٽجي رهي آهي.










