سانگهڙ(ن سنڌيار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ شھدادپور پوليس ٽريننگ ڪاليج جي 172 وين پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جنهن ۾ اي ايس آئي جي تربيت حاصل ڪندڙ 27 عورتن سميت 561 جوانن کي وڏي وزير کي سلامي پيش ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت صوبائي پوليس ۾ وڌيڪ سڌارا آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جئين عوام کي پوليس کي ڏسڻ سان ئي تحفظ جو يقين هجي ان سلسي سي ٽي ڊي ۽ اسپيشل برانچ کي اپ گريڊ ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته پوليس ٽريننگ سينٽر جو دورو ڪري خوشي ٿي. هن پاس آئوٽ ٿيل نوجوان ۽ نمايان نمبر حاصل ڪندڙن ئي مبارڪ ڏيندي چيو ته اميد آهي ته سنڌ حڪومت جنهن مقصد لاءِ نوجوان کي ڀرتي ڪيو آهي اهو پورو ڪندو جوانن ڪم سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي هن چيو ته سمورا نوجوان ميرٽ تي ڀرتي ٿيا جن هتان ٽريننگ حاصل ڪئي ۽ هاڻي هو پنهنجو ڪيريئر شروع ڪندا. هن چيو ته سنڌ صوبو صوفين جي ڌرتي، امن جو گهوارو آهي هتي هر قوم جو فرد صدين کان اچي آباد ٿيو آهي جنهن کي هتان جي ماڻهن ڀليڪار پڻ ڪيو. هن چيو ته 1980 ۾ سنڌ جي امن کي نظر لڳي ۽ بدامني شروع ٿي جڏهن ته ڪراچي ۾ حالتون خراب ڪيون ويون جيڪي اڄ به بهتر ناهن پر پوليس جي ڪردار سان حالتون بهتر ٿيون آهن هن چيو ته پوليس ۽ رينجرز پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي امن قائم ڪيو جڏهن ته ڪراچي جنهن کي دنيا جو ستون خطرناڪ شهر سڏيو ويندو آهي ان جو امن امان بهتر ڪرڻ ۾ پوليس جو وڏو ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته 2008 ۾ پي پي پي جي حڪومت آئي سانگهڙ سميت اتر سنڌ ۾ بدامني ايتري هئي جو ماڻهون هائي ويز تي به سفر نه ڪري سگهندا هئا ۽ ڪانوائي سان سفر ڪرڻو پوندو هو. هن چيو ته پي پي پي پوليس ذريعي صوبي ۾ امن آندو ۽ ڪنهن ٻئي جي ضرورت نه پئي جنهن تي پوليس کي مبارڪون ڏيان ٿو، هن چيو ته اسان جي خواهش هئي ته تعليم، پوليس سميت ٻين شعبن ۾ ميرٽ تي ڀرتي ڪئي وڃي جڏهن ته پوليس جي ٽريننگ لاءِ فوج جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن ۽ پوليس ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون جنهن سان پوليس جي ڪارڪردگي ۾ اڃان وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته پوليس جا گريڊ وڌايا ويا آهن هن چيو ته ناڻي کاتي جي صوبائي وزير جي حيثيت سان اهاڪوشش هوندي آهي ته پوليس جون پگهارون ٻين صوبن کان گهٽ نه هجن، شهيد جوانن کي معاوضو ڏيڻ لاءِ آصف علي زرداري خاص هدايتون جاري ڪيون، جڏهن ته سي ٽي ڊي کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ هلندڙ سال هڪ پروگرام ٺاهيو آهي ۽ اسپيشل برانچ کي پڻ اپ گريڊ ڪيو ويندو. هن چيو ته پوليس مان هڪ ئي اميد آهي ته عوام جئين ئي پوليس کي ڏسي ته کين تحفظ جو يقين هجي، اميد ته جوان ٽريننگ دوران مثبت عمل سکندا ۽ پوليس بابت پکڙيل تاثر کي ختم ڪندا جنهن سان پوليس ۽ سنڌ حڪومت تي عوام جو يقين پڪو ٿيندو. وڏي وزير پوليس ٽريننگ سينٽر تي تربيت حاصل ڪندڙ جوانن کي کاڌي پيتي جي مد ۾ وضيفو ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي آئي جي سنڌ غلام النبي ميمڻ چيو ته وزير اعلي جا ٿورائتا آهيون جن تقريب ۾ شرڪت ڪئي اها اسان لاءِ همٿ افزائي آهي هن ٻڌايو ته هي ادارو 1951 ۾ قائم ڪيو ويو جنهن جي اڄ 172 پاسنگ آئوٽ پريڊ آهي جنهن ۾ 561 آئي ايس آئي شامل آهن. هن چيو ته اڳوڻي وزير اعلي سيد عبدالله شاهه 1994 ۾ هن کي اسڪول مان ڪاليج جو درجو ڏنو. هن ۾ 2200 اهلڪارن کي تربيت ڏيڻ جي گنجائش آهي. هن پوليس اهلڪارن جا گريڊ وڌائڻ تي وڏي وزير جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسان جو ڪم ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي جيڪو فرض احسن طريقي سان انجام ڏينداسين. هن چيو ته ڪجهه دهشتگردي ۽ بدامني جا واقعا پيش آيا جن ۾ هاڻي گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته شھدادپور پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ تربيت دوران عملي ٽريننگ سان گڏ قانون پڻ پڙهايو وڃي ٿو. هن مطالبو ڪيو ته اداري جي اهلڪارن کي کاڌي پيتي جي مد ۾ ٽريننگ دوران وضيفو ڏنو وڃي. تقريب ۾ ايم پي اي فراز ڏیرو، شاهد ٿھیم، ڄام شبير ، امام الدین شوقین، عاجز ڌامراہ، صوبائي صلاحڪار جاوید ناياب لغاري، پارس ڏیرو ریاض شاه اور آئی جی سنڌ غلام النبي میمڻ، پرنسپل پي ٽي سي منیر کھڙو، ڪمشنر عبدالرشید زرداري، ڊي آئي جي پير محمد شاهه، پي پي اڳواڻ علي حسن هنڱورجو، جهانگير جوڻيجو، عالمگير جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي بعد ۾ پوليس جوانن پنهنجي تربيت جون مختلف مشقون پڻ پيش ڪيون.










