وڏيري جي چرچ تي صحافي خلاف دبر ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل

اوٻاوڙو (غلام علي رند) سينيئر صحافي محمد بچل گهنڃو خلاف  پوليس وڏيري جي وانگار وهندي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. سنڌيار اوٻاوڙو جي رپورٽر بچل گهنڃو جو چوڻ آهي ته جيڪو فريادي آهي ان جو نالو ئي هن ايف آءِ آر ۾ پڙهيو  آهي ۽ کيس ڪڏهن به ملاقات ناهي ڪئي. هن ٻڌايو ته حق سچ جون خبرون هلائڻ تي با اثر وڏيري جي چرچ تي سکر جي دبر ٿاڻي تي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي.

مان ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي سکر کي اپيل ٿو ڪريان ته هو جاچ ڪن ۽ ڪوڙي فرياد داخل ڪندڙن ۽ ڪرائڻ وارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن مٿس ڏوهه ثبت ٿئي ته هو سزا لاءِ تيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو