وڏيري جي چرچ تي پوليس جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي؛ ڳوٺاڻا

وڏيري جي چرچ تي پوليس جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي؛ ڳوٺاڻا

ڪوٽ لالو (باغ علي) ڳوٺ درمحمد راڄپر جي رهواسين صدام حسين راڄپر، اظھر علي، مظھر علي، معروف حسين ۽ ٻين ڪوٽ لالو پوليس ۽ بااثر وڏيري خلاف احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ڪوٽ لالو پوليس چادر ۽ چوديواري جو تقدس پئمال ڪندي بااثر جي ونگار وهي بلاجواز اسان جي گھر ۾ داخل ٿي آھي ۽ چاڙھ ڪري اسان جي گھر جي لوڙهي کي باهه ڏني آھي ۽ اسان جون ٻڪريون به پوليس ڪاهي وئي آهي. ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس اسان جا چار ماڻھون درمحمد، راشد علي، شمن علي ۽ رفيق احمد کي گرفتار ڪري گُم ڪري ڇڏيو آھي جن مان ٻن کي آزاد ڪيو آهي باقي ٻن جو ڪو پتو ناهي. هنن ٻڌايو ته بااثر وڏيرو اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ موتمار ڌمڪيو ڏئي رهيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ  ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان گُھر ڪئي آھي ته واقعي جو نوٽيس وٺي اڻ ڌري جانچ ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي پوليس  ٻڌايو ته اسان ڪا به چڙھائي نه ڪئي آھي ۽ نه ئي ڪو ماڻھون گرفتار ڪيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو