وڏيرو جو نوجوان تي تشدد، پوليس خاموش ، متاثرن جو مظاهرو

عادلپور (رپورٽ مدد علي شاهه) ڳوٺ گولو ابڙو جي گھٽي ۾ تيزرفتار موٽر سائيڪل ھلائڻ کان منع ڪرڻ تي وڏيرو، صحافي ياسين ابڙو جي سوٽ تي ڏمرجي پيو، نوجوان تي تشدد ڪري زخمي ڪري وڌو. متاثر ڌر جو احتجاج وڏيري خلاف قانوني ڪاروائي جو مطالبو ان سلسلي ۾ ڳوٺ گولو ابڙو جي رھواسين عبدالوھاب ابڙو، امداد ابڙو، مرتضي ابڙو، لونگ خان، عبدالرزاق ابڙو ۽ ٻين وڏيري جي ڏاڍاين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته وڏيرو عاقب ابڙو گھٽي ۾  اسان جي گھرن سامھون تيز رفتار موٽرسائيڪل ڪاھي وڃي رھيو ھيو ته اسان جي نوجوان امداد ابڙو وڏيري کي صرف ايترو چيو ته گھٽي ۾ معصوم ٻار گھمي رھيا آھن موٽرسائيڪل ٿورو آھستي ھلايو جنھن تي وڏيري کي ڪاوڙ لڳي جنھن اسان جي نوجوان کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏنيون.  اڄ صبح جو وڏيرو عاقب ابڙو پنھنجن واٺن صدرالدين ابڙو ،صديم ابڙو ۽ ٻين سميت  اڳيان رستي تي بيھي رھيو  اسان جو  نوجوان جئين روز جي معمول مطابق ٻارن کي موٽر سائيڪل تي اسڪول پھچائڻ وڃي رھيو ھيو ته نوجوان کي موٽر سائيڪل تان لاھي لٺين، مڪن ۽ ٺونشن جو وسڪارو لائي ڏنو ۽ اسان جي نوجوان کي سخت زخمي ڪري وڌو۽ فرار ٿي ويا. اسان واقعي جو اطلاع عادلپور ٿاڻي تي ڏنو آھي پر ھن وقت تائين عادلپور پوليس وڏيري ۽ ان جي واٺن خلاف ڪنھن قسم جي ڪاروائي ناھي ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو