وڏيرن جي ظلمن خلاف ڳوٺاڻن جواحتجاج

نوشهرو فيروز ( رپورٽ اسد علي عمراڻي) ڳوٺ ماٽرڙو جي رهواسين ميڊيا آڏواحتجاج ڪندي چيو ته ڳوٺ جا وڏيرا اسان تي ظلم ڪري رهيا آهن اسان ڪلھ به احتجاج ڪيو هو ته اسان جي گهرن تي پوليس ساڻ ڪري ملوس وڏيرن حملو ڪيو اسان سان وڏو ظلم آھي ۽ پوليس جي سرپرستي ۾ اسان جي ماڻهن کي اغوا ڪري انهن کي غائب ڪيو آهي زمين جي وارثي ڪندڙ رياض حسين ڀرٽ، راشد ڀرٽ، سڪندر ڀرٽ، وڏيرو منصور ڀرٽ، بشير ڀرٽ، ۽ ٻين چيو ته وڏيرا، سليم ڀرٽ، رفيق ڀرٽ، شبير ڀرٽ، ڊاڪٽر اسلم ڀرٽ، فياض ڀرٽ، سميت  اسان جي ابن ڏاڏن جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا  500 ايڪڙن تي مشتمل زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي. رات جو روزانو اسان جي گهر تي فائرنگ ڪئي وڃي ٿي ۽ اسان کي موت مار ڌمڪيون پڻ ملن ٿيو، اسان کي خدشو آهي ته ڪٿي ڪو وڏو نقصان نه ٿئي،اسان چيف جسٽس آف پاڪستان چيف جسٽس آف سنڌ  آءِ جي سنڌ ، ڪمشنر شھيد بينظير آباد ڊي آءِ جي ، شهيد بينظير آباد ، ايس ايس پي نوشهرو فيروز ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي درخواست ڪيون ٿا.اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائيرو وڌايو ويندو،،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو