پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته وڏو وزير علي امين گنڊاپور ڪالهه کان غائب آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته اسان جو نه ئي سندس خاندان وڏي وزير سان رابطي ۾ آهي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي ضلعي صدر عرفان سليم جو چوڻ آهي ته وڏي وزير علي امين کي اغوا ڪيو ويو آهي يا نظربند ڪيو ويو آهي.هن چيو ته اڄ 3 وڳي خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٻاهران احتجاج ڪيو ويندو، احتجاج ۾ ڪارڪنن کي مستقبل جي لائحه عمل بابت آگاهه ڪيو ويندو.










